شڪارپور: تاريخ ۽ تحقيق

شڪارپور: تاريخ ۽ تحقيق

شڪارپور تاريخ ۽ تحقيق

شڪارپور: تاريخ ۽ تحقيق (ڪتاب): شڪارپور بابت مختلف عالمن ۽ اديبن جي مقالن تي مشتمل هن ڪتاب کي خليل مورياڻي مرتب ڪيو آهي. هن ڪتاب جي ارپنا نامور محقق ۽ مورخ تاج صحرائي جي نالي ڪيل آهي. ڪتاب ۾ شڪارپور جي تاريخ بابت شيخ اياز، نذير احمد شاڪر بروهي، مختيار احمد پيرزادو، ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو، انيس انصاري، عطا محمد شيخ، پروفيسر شمس صابر، ڊاڪٽر عبدالوحيد انڍڙ، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ۽ ڊاڪٽر تهمينه مفتي جا تحقيقي مقالا شامل آهن، ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي شيخ اياز، آغا سليم ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا جا مرتب ۽ ڪتاب بابت تاثر ڏنل آهن.
ڊيمي سائيز جي رنگين ٽائيٽل سان 332 صفحن تي مشتمل هيءُ ڪتاب روشني پبليڪيشن ڪنڊياري 2004ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 180 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو